ڪانگو: درياهه ۾ مسافر بردار ٻيڙي ٻڏي وئي، 86 ڄڻا فوت

ڪنشاسا (ويب ڊيسڪ) ڪانگو جي تخت گاهه ڀرسان هڪ درياهه ۾ 271 مسافرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگو جي صوبي مائي ندومبي جي درياهه ڪووا ۾ ٻڏندڙ ٻيڙي مقامي طور تي ٺاهي وئي هئي، حادثي جو امڪاني ڪارڻ گنجائش کان وڌيڪ مسافرن جو هجڻ آهي.
اها ٻيڙي مسافرن کي تخت گاهه ڪنشاسا کڻي وڃي رهي هئي پر انجڻ جي خرابي سبب بيهي رهي ۽ مسافرن جو انگ وڌيڪ هجڻ سبب ٻڏي وئي.
ڪيترن ئي مسافرن تَري پنهنجي حياتي بچائي ۽ ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته امدادي ڪمن دوران 86 لاش ڪڍيا ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.
واضح رهي ته ڪانگو جي ڏورانهن علائقن کان تخت گاهه ويندڙ ٽرانسپورٽ جي ڳرن خرچن کي برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ ٻيڙي ذريعي سفر کي ترجيح ڏيندا آهن.

kinshasa congo DemocraticRepublicoftheCongo

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.