ڪازان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان روس ۾ جاري برڪس گيمز ۾ پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي.
پاڪستان جي ويٽ لفٽر حيدر سلطان 61 ڪلو ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، هن ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 146 ۽ 115 اسنيچ ۾ وزن کنيو.
گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ حيدر سلطان مجموعي طور 261 ڪلوگرام وزن کنيو،
واضح رهي ته برڪس گيمز روس جي شهر ڪازان ۾ 23 جون تائين جاري رهنديون.
bricsgames2024 pakistan Goldmedal