دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڪَور ڊرائيو جي ماهر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ڪنهن جي ڪور ڊرائيو پسند آهي ؟ ان حوالي سان آءِ سي سي هڪ دلچسپ وڊيو جاري ڪئي آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بابر اعظم جي ڪَور ڊرائيو جي وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ پاڪستاني رانديگرن سميت آسٽريليا جي بيٽر اسٽيو سمٿ کان بهترين ڪَور ڊرائيو بابت سوال ڪيو ويو .
View this post on Instagram
سمٿ کانسواءِ شاداب خان، حسن علي، حارث رئوف ۽ امام الحق بابر اعظم جي ڪَور ڊرائيو کي بهترين قرار ڏنو.
ان کانسواءِ بابر اعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڪَور ڊرائيو جو ٻڌي اوهان جي ذهن ۾ پهريون خيال ڪهڙو ايندو آهي؟ .
جنهن جي جواب ۾ بابر کلندي چيو ته ” مان پاڻ “ .