ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو.
اجلاس ۾ ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز, ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز ھدايتون جاري ڪندي چيو ته سمورن آفيسرن کي گهرائڻ جو مقصد ضلعي کي منشيات توڙي ڏوھن کان پاڪ ڪرڻ آهي.
ھن چيو ته اشتهاري ۽ گھربل ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊاون ڪري رپورٽ ڏني وڃي ڪا به ڪوتاهي برداش نه ڪئي ويندي جيڪو به ايس ايڇ اوز ڪم نه ڪندوان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.
ھن وڌيڪ چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي منشيات فروشي، ڏوهه ۽ اداري
۾ ڪرپشن برداش نه ڪبي.