ميھڙ تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن سيپڪو عملدارن جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
لونگ تنيو سميت مختلف ڳوٺن ۾ جي رهواسين امجد حسين تنيو، ايس يو پي اڳواڻ سڪندر سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ واپڊا عملدارن ٽيوب ويل فيڊر بند ڪري ڇڏيو آهي فيڊر بند ٿيڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
هنن چيو ته پمپنگ اسٽيشنون بند هجڻ سبب بجلي جون تارون توڙي پمپنگ اسٽيشنن جو سامان چوري ٿيڻ لڳو آھي عملدارن کي شڪايتون ڪيون ڪرڻ باوجود تحرڪ نه پيو ورتووڃي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ ٽيوب ويل فيڊر جي بجلي بحال ڪري پمپنگ اسٽيشنون ھلائي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.