اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بئنڪن ۾ واهپيدارن جو بينڪ بيلنس مڪمل طور تي محفوظ ناهي، اهڙو انڪشاف سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بئنڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ته سڀني کاتيدارن جي جمع رقم کي تحفظ حاصل ناهي، بئنڪن ۾ رڳو 5 لک رپين تائين جي رقم کي قانوني تحفظ حاصل آهي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر چيو ته 5 لک رپين تائين ڊپازٽس رکندڙ کاتيدارن جي شرح 94 سيڪڙو آهي، رڳو 6 سيڪڙو اڪائونٽ هولڊرز جو بئنڪ بيلنس 5 لک رپين کان وڌيڪ آهي.
ڊپٽي گورنر بريفنگ ۾ چيو ته 5 لک رپين تائين اڪائونٽ هولڊرز کي ڊپازٽس پروٽيڪشن ڪارپوريشن ذريعي ادائيگي ڪري سگهجي ٿي، ڊپازٽس پروٽيڪشن ڪارپوريشن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ذيلي ادارو آهي.
ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا به چيو ته نئين قانون موجب رڳو 5 لک رپين تائين جي بئنڪ اڪائونٽس کي تحفظ حاصل آهي.
You might also like