ممبئي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار شاهه رخ خان سان گڏ فلم ”سواديس“ ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا گائتري جوشي جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب گائتري جوشي ۽ هن جي مڙس جي گاڏي سان حادثو اٽلي ۾ پيش آيو جتي ڪيتريون ئي گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويون.
رپورٽس۾ ٻڌايو ويو اهي ته ڪار حادثي بعد گائتري ۽ سندس مڙس جي لاڏاڻي جون ڪوڙيون خبرون سامهون آيون هيون جن جي ترديد پاڻ اداڪارا ڪئي آهي.
رپورٽس موجب اداڪارا ٻڌايو ته حادثي جي وقت ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون ۽ هڪ گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي، ان ۾ سوار سوئس زال مڙس فوت ٿي ويا.
هن ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ اسان جي گاڏي کي به نقصان پهتو آهي پر اسان ٻئي محفوظ آهيون.