اسرائيل سان لاڳاپن جي خواهشمند مسلمان ملڪن لاءِ ايران جو پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) عرب ملڪن جي اسرائيل سان لاڳاپن تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيل سان لاڳاپن جا خواهشمند ملڪ هارايل گھوڙي تي شرط لڳائي رهيا آهن، معمول جي لاڳاپن جي جوا کيڏندڙ ملڪ هارائي ويندا.
تهران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ هارايل شرط جي برابر آهي.
هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايران جو موقف بلڪل واضح آهي ته اسرائيل سان معمول جي لاڳاپن جي جوا کيڏندڙ ملڪ ان جوا ۾ هارائي ويندا، اهي ملڪ هارايل گھوڙي تي شرط لڳائي رهيا آهن.
صدر رئيسي جي بيان تي ردعمل ۾ اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايران خطي ۽ انسانيت لاءِ امن جو دائرو وڌائڻ کان نٿو روڪي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.