ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ ڏُکي صورتحال، ڀارتي ميڊيا وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

کٽ به هڪ عادت جيان ئي هوندي آهي، جنهن به ٽيم کي کٽڻ جي عادت پئجي ويندي آهي اِها سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي پر هارائڻ پسند ناهي ڪندي ڇو جو عادتون ٺهڻ ۽ بگڙڻ ۾ وقت لڳندو آهي.

جيتوڻيڪ انگن اکرن جي لحاظ کان وارم اَپ ميچون ڪائي معنيٰ نٿيون رکن، اصل ميچن کان اڳ وارم اَپ مقابلا صرف رت گرم ڪرڻ جو بهانو آهن پر پاڪستاني ٽيم جي تازي ڪارڪردگي سبب اهي خدشا ضرور لامارا ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان لاءِ  عالمي ڪپ ۾ ڏاڍي ڏُکي صورتحال آهي.

ان سلسلي ۾ هاڻ ڀارتي ميڊيا به پاڪستان جي اسپن شعبي تي تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ مڊل اوورز ۾ پاڪستان جي اسپنرن جي ڪاڪردگي کي ٽيم لاءِ پريشان ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا تبصرا ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيم کي ورلڊ نمبر هڪ ٿئي گهڻو عرصو ناهي ٿيو ۽ ايشيا ڪپ ۾ ڀارت هٿان شڪست سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شاداب خان جي جاءِ تي پليئنگ اليون ۾ اساما مير کي شامل ڪري سگهجي ٿو، عالمي ڪپ ميچن ۾ شاداب تي پرفارم ڪرڻ جو دٻاءُ هوندو.

ڀارتي ميڊيا موجب، اساما مير کي اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف کي ڊراپ ڪري شامل ڪيو ويو آهي، هو روايتي ليگ اسپنر آهي ۽ هن شاداب جي جاءِ تي کيڏڻ لاءِ پنهنجو ڪيس مضبوط ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه جي ان فٽ ٿيڻ سبب ٽيم کي نقصان ٿيو آهي ۽ محمد نواز جا تازا انگ اکر متاثر ڪندڙ نه آهن جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جي سڀ کان وڏي پريشاني نائب ڪپتان شاداب خان جو آئوٽ آف فارم هجڻ آهي.

ڀارتي ميڊيا جو اِهو به چوڻ آهي ته گذريل هڪ سال دوران شاداب جي ايوريج 39 ڏهائي ست جڏهن ته اڪانومي ريٽ پنج ڏهائي 54 آهي.

ڀارتي ميڊيا به چيو ته مڊل اوورز ۾ شاداب خان ۽ محمد نواز طرفان وڪيٽون نه وٺڻ پاڪستان جلد ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جو سبب بڻيو جڏهن ت ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم ٽاپ اسپنرن جي ڪارڪردگي ٽيم لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.