ڪراچي: جناح اسپتال جي تاريخ ۾ پهريون ڪامياب روبوٽڪ آپريشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 34 ورهين جي شخص جي پتي جو پهريون ڪامياب روبوٽڪ آپريشن ڪيو ويو.
جناح اسپتال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روبوٽڪ سرجري جي شروعات ڪئي وئي، پهرين سرجري 34 ورهين جي شخص جي ڪئي وئي، آپريشن ۾ اسپتال جي ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول سميت 14 ماهر شريڪ ٿيا.
جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول موجب پهرئين مريض جي پتي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي، روبوٽڪ مشين ذريعي 25 منٽن ۾ اهو آپريشن ڪيو ويو.
هن چيو ته اڄ کان روز جي بنيادن تي ٻه کان وڌيڪ آپريشن ٿيندا، اسپتال جي يورولاجي ۽ گائني سميت ٻين وارڊن جي ضرورتمندن جو مفت آپريشن جاري رهندو.
سندس چوڻ هو ته روبوٽڪ سرجري لاءِ ڪنهن به هڪ مريض تي لکين رپيا خرچ ايندا آهن پر جناح اسپتال ۾ حقدار مريضن کي اها سهولت مفت حاصل ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.