ڪئناڊا جي پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري نسل جو اسپيڪر چونڊجي ويو

اوتاوا(ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري نسل جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.

اڳوڻي اسپيڪر انٿوني روٽا جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ اسپيڪر جي سيٽ خالي هئي جنهن بعد لبرل پارٽي جي گريگ فرگس ڳجهي ووٽنگ ۾ ڪئناڊا جو 38 هون اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.

ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪبار پيش ڪئي آهي.

واضح رهي ته انٿوني روٽا نازي يونٽ جي اڳوڻي سپاهي کي پارليامينٽ ۾ دعوت ڏيڻ ۽ بيهي ڪري آجيان ڪرڻ تي دٻاءَ سبب استعيفيٰ ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.