اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم جا 7 بهترين فيچرز

گوگل طرفان اينڊرائڊ فونز لاءِ نئون آپريٽنگ سسٽم اڄ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
اها ڪمپني پنهنجن نون سمارٽ فونز سان گڏ اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم کي متعارف ڪرائيندي.
گوگل طرفان ان جو باضابطا اعلان ته ناهي ڪيو ويو پر ان جي نون فونز سان گڏ ئي نئين آپريٽنگ سسٽم کي پيش ڪيو ويندو آهي.
ان نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪيترن ئي نون فيچرز جو اضافو ڪيو ويندو جن ۾ مان ڪجهه بهترين فيچرز جا تفصيل هيٺ بيان ڪجن ٿا.
ڪسٽمائزڊ لاڪ اسڪرين
اينڊرائڊ 14 جو هڪ بهترين فيچر لاڪ اسڪرين بابت هوندو.
ڪسٽمائزڊ لاڪ اسڪرين ذريعي واهپيدار ڪلاڪ ڊزائين ۽ اسڪرين ڪلرز کي تبديل ڪري سگھندا جڏهن ته مختلف ڪم جي فيچرز جا شارٽ ڪٽس، ڪيو آر ڪوڊ اسڪيننگ، فليش لائيٽ ۽ ٻين کي استعمال ڪرڻ به ممڪن هوندو.
سيٽلائيٽ سپورٽ
ايپل طرفان 2022ع ۾ سيٽلائيٽ ذريعي ايمرجنسي ايس او ايس موڪلڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ڪيتريون ئي حياتيون بچائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.
هاڻي اهو ئي فيچر اينڊرائڊ دوائسز جو حصو به بڻجڻ وارو آهي.
گوگل طرفان اينڊرائڊ 14 ۾ سيٽلائيٽ ڪنيڪٽوٽي جو فيچر متعارف ڪرائي سگھجي ٿو.
اڃا اهو واضح ناهي ته اهو فيچر ڪيئن ڪم ڪندو پر اها خبر ضرور آهي ته ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ان کي آپريٽنگ سسٽم جو حصو بنايو ويندو.
بيٽري لائيف کي بهتر بڻايو ويندو
اينڊرائڊ 14 ۾ بيٽري لائيف کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو ويندو.
اها ڪا ايڏي وڏي تبديلي ته نه هوندي پر بيڪ گرائونڊ ٽاسڪس کي بهتر ڪري بيٽري لائيف کي ڪجهه بهتر ڪيو ويندو.
گوگل طرفان هڪ پراڻي فيچر کي به واپس متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن کي اينڊرائيڊ 12 مان ڪڍيو ويو هو.
ان فيچر جي ذريعي واهپيدار ڏسي سگھندا ته آخري ڀيرو فون فل چارج ڪرڻ بعد هنن ڪيترو وقت اسڪرين ڏسندي گذاريو جنهن سان واهپيدارن کي اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڪهڙي ايپ بيٽري گھڻي چوسي ٿي.
نوٽيفڪيشن فليشز
نوٽيفڪيشن فليشز ڪو نئون فيچر ته ناهي پر ڪجهه ڪمپنين جي فونز ۾ اهڙو فيچر موجود آهي هاڻ ان کي باضابطا طور تي آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻايو پيو وڃي.
جيڪڏهن ڪو واهپيدار ان فيچر جي چونڊ ڪندو ته نوٽيفڪيشن اچڻ تي فون جي ٽارچ يا اسڪرين فليش ڪندي.
ايپس جي فائلز تائين پهچ تي وڌيڪ ڪنٽرو
اينڊرائڊ 14 ۾ هڪ نئون آپشن متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان واهپيدار مخصوص ايپس جي فوٽوز جي پهچ محدود ڪري سگھندا.
فونٽس وڌيڪ وڏا ڪرڻ ممڪن
اينڊرائڊ ڊوائيسز ۾ وڏن فونٽس جو استعمال ته ڊگھي عرصي کان ٿي رهيو آهي پر هاڻ ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
گوگل طرفان فونٽ سائيز کي 200 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو آپشن اينڊرائڊ 14 ۾ ڏنو ويندو.
پراڻين ايپس کي انسٽال ڪرڻ ممڪن نه هوندو
اينڊرائڊ 14 ۾ پراڻين ايپس کي انسٽال ڪرڻ کان روڪيو ويندو.
گوگل موجب ان فيچر جو مقصد اهڙين ايپس جي استعمال کي روڪڻ آهي جيڪي اينڊرائڊ 5 يا ان کان پهريان جي آپريٽنگ ورجنز لاءِ تيار ڪيون ويون هيون.
اهڙيءَ طرح فونز جي سيڪيورٽي بهتر ٿيندي ڇو جو پراڻين ايپس جي استعمال سان پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.