ڪويت جي گهرو وزارت طرفان 800 پرڏيهي ملازم فارغ

ڪويت سٽي(م ڊ) ڪويت جي گهرو وزارت 800 پرڏيهي ملازمن کي نوڪري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي جن مان اڪثريت جو تعلق عرب ملڪن سان آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق ڪويت جي گهرو وزارت جي هڪ عملدار ٻڌايو آهصي ته 800 کان وڌيڪ پرڏيهي ملازمتون ختم ڪيون ويون آهن.

شاهه سلمان ۽ ولي عهد طرفان ترڪيه ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت

رياض (م ڊ)سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي نالي  اماڻيل پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ترڪيه جي گادي واري شهر انقره ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي آهي. عرب نيوز مطابق سعودي عرب جي قيادت پنهنجي پيغامن ۾ چيو آهي ته سعودي عرب ترڪيه ۽ ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون

 نائيجريا ۾ٽينڪر ۾ ڌماڪو ،20 ماڻهو مارجي ويا

ابوجا (م ڊ ) ڏکڻ نائيجريا جي رياست ڊيلٽا ۾ ٻارڙ کڻي ويندڙ ٽينڪر۾ ڌماڪي سبب 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي  زخمي ٿي ويا . ترڪ خابرو اداري مطابق رياست ڊيلٽا جي واري بينين هاءِ وي تي پيٽرول کڻي  ويندڙ ٽينڪر ۾ اڻ ڄاتل  سبب جي بنياد تي ڌماڪو ٿيو جنهن سبب 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ، ان کان علاوه ڪجهه هنڌن کي به نقصان پهتو  آهي .

مدد گهرجي خيرات نه ، تيونس پاران 135 ملين ڊالر جي يورپي امداد رد

تيونس(م ڊ) تيونس غير قانوني امگريشن خلاف جنگ ۾ يورپي يونين جي اعلان ڪيل امداد رد ڪندي چيو آهي ته اسان کي  ان سلسلي ۾ خيرات نه پر مدد  جي ضرورت آهي . ايوان صدر کان جاري بيان مطابق تيونس جي صدر قيس سعيد چيو آهي ته هن جو ملڪ يورپي يونين طرفان تازوئي بجٽ  سپورٽ ۽ غير قانوني امگريشن خلاف جنگ جي حوالي سان اعلان ڪيل امداد کي رد ڪري ٿو .

ڪراچي ايئرپورٽ تان جعلي دستاويزن تي اٽلي ويندڙ مسافر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ايئرپورٽ تان جعلي دستاويزن تي اٽلي ويندڙ مسافر گرفتار، وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اميگريشن کاتي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جعلي سفري دستاويزن تي سفر ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب ضياءُ الله نالي مسافر جهاز نمبر ڪي آر 611 ۾ اٽلي وڃي رهيو هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس تعلق مهمند ايجنسي سان آهي، مسافر پاران پيش ڪيل اٽلي ڪارڊ اٽلي جو نڪتو.شروعاتي جاچ موجب مسافر اهو ڪارڊ 12 لک رپين ۾ ايجنٽ کان حاصل ڪيو هو، بعد ۾ مسافر کي وڌيڪ جاچ ۽ ايجنٽ جي سڃاڻپ لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو .

ڪراچي: سرجاڻي ٽائون ۾ ڪارروائي، ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سرجاني ٽائون ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار .سي ٽي ڊي ترجمان  جو چوڻ آهي ته سرجاني ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٽارگيٽ ڪلر جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن جي تربيت يافته ٽارگيٽ ڪلر ٽيم جو اهم ڪارندو آهي. جوابدار ڏکڻ آفريڪا ۾ دهشتگرد آصف عبدالله جي هدايتن تي ڪارروائي ڪندا هئا ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته جوابدارن پي ايس پي جي 2 ڪارڪنن کي قتل ڪيو هو.

ٽانڪ ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( پ ر) سيڪيورٽي فوسز ضلعي ٽانڪ جي علائقي پيزو ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب هي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين سان گڏ ڀتا خوري ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ به سرگرم رهيا، ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي واسين آپريشن جي ساراهه ڪئي، پاڪستان جي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي وڪري ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي وڪري ۾ جاري ڪيلنڊر سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي ترتيب وار 3۽ 35 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق جنوري کان سيپٽمبر تائين جي مدي ۾ ملڪ ۾ يوريا  4908000 ٽن يوريا جي کپت رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا  گذريل سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي.

ڄمون ڪشمير ۾ حملي دوران  ٽي ڀارتي فوجي زخمي

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي راجوري  ضلعي ۾ حملي دوران  ٽي ڀارتي فوجي زخمي ٿيا  آهن . ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجي ضلعي جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ گهيري ۽ تلاشي جي ڪاروائي دوران   حملي۾ زخمي ٿيا  علائقي ۾ ڀارتي فوجين ۽پيرا ملٽري اهلڪارن سومر واري ڏينهن ڪاروائي شروع ڪئي هئي   زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو فوج جي اضافي نفري علائقي ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته ڀارتي  حڪومت راجوري ۽ پونڇ ضلعن ۾ وڌيڪ فوجي ڪمپنيون به مقرر ڪيون آهن .

ڪراچي ۾ فيڪٽري تي ڇاپو، گُٽڪن جا پيڪيٽ هٿ، 14 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گٽڪي جي فيڪٽري تي ڪارروائي فيڪٽري جي 14 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او قائد آباد پوليس  جي وڏي نفري سان معين آباد ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات لڳ ڀڳ 3 وڳي شرافي ڳوٺ معين آباد ۾ رجني جي نالي گٽڪا فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ويو فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 14 ملازمن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ گٽڪا ٺاهڻ ۽ پيڪنگ ڪرڻ واري مشين ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪيو ويو. 16  گٽڪا پيڪنگ ۽ گٽڪا ٺاهڻ جون مشينون، وڏي انگ ۾ پلاسٽڪ جا داڻا، ڇاليه سپاري، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل، رجني گٽڪي جا پيڪيٽ ۽ گٽڪا ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو ويو. ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته برآمد ڪيل مشينري ۽ سامان ڪروڙين رپين جي ماليت جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.