بدين ضلعو ننڌڻڪو ڇو؟

تحرير: بابو کوسو

بدين ضلعو معدنيات سان مالا مال هئڻ باوجود  سڀني سھوليتن  کان محروم  آھي، روڊ رستا اکڙيل  ھنڌان ھنڌان گوڏي جيڏا کڏا پيل، اسپتالن ۾ دوائن جي شديد  کوٽ ايتري قدر جو ھڪ سرنج ۽ پيناڊول گوريون به اڻلڀ آھن، دستن ۽ ڊائريا ۾ فليجل انجيڪشن ۽ نمڪول به  اڻلڀ آھن.

پڇڙين ۾ پاڻي جي اڻاٺ، گئس جي لوڊشيڊنگ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪاره ۽ تعليم جو ٻيڙو غرق ، بدين واحد ضلعو آهي جنهن جا  چونڊيل نمائندا عوام جي سڀني بنيادي مسئلن کان مڪمل بي خبر آھن. جيڪڏھن مسئلن جي پروڙ اٿن تڏھن به لاتعلق آھن بدين ضلعي جا نوي سيڪڙو روڊ رستا اکڙي تباهه ٿي چڪا آهن، جتي روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪيترا ئي ماڻهو روڊ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿي رھيا آھن.

ڳالهه ڪجي صحت جي سهولتن جي ته  95 سيڪڙو اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آھي  هيڊڪوارٽر بدين جي اڪيلي اڳوڻي انڊس ۽ هاڻوڪي ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو هاسپيٽل  جي بجيٽ وڏي عرصي کان نه  ملڻ ڪري ادارو گوڏن ڀر اچي لڳو آھي نه ملازمن کي پگھار ٿي ملي نه ھزارين ايندڙ مريضن کي ڪا دوا ملي ٿي اسپتال انتظاميا پڻ  نالي ماتر علاج  جون سھولتون ڏئي ٿي صرف ريفر ليٽر تائين محدود اسپتال بنائي ڇڏي آھي. مقرر گارڊن جو  مريضن سان اڍنگو رويو آيل مريض ڌڪا ٿاٻا کائي بنا علاج جي واپس روانا ٿين ٿا .

بدين ضلعو جتي قدرتي آفتن ٻوڏن طوفانن  آيل برساتن جي تباهي کي منهن ڏي ٿو اتي پاڻي جي بدترين کوٽ کي به منهن ڏي ٿو هٿرادو وارا بندي  پاڻي چوري  غير مصفاڻي پاڻي جي ورڇ سبب بدين ضلعي ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي وئي  آهي پاڻي کوٽ کي منهن ڏيندڙ هتي جا مسڪين هاري پورهيت روز روڊن تي احتجاج ۽ پيادل لانگ مارچ ڪندي نظر اچن ٿا، پر ظالم حڪمران ۽ پاڻي چورن ڪامورن جي ڪن تي جون به نٿي سري  بدين ضلعي جو ماڻھو ڇھه مھينا پاڻي لاءِ  دانهي رهيو آهي وري ڇهھ مھينا برساتي پاڻي جي ور چڙھي ٻڏي وڃي ٿو پاڻي جي  نيڪال لاءِ  دانھون ۽ ڪوڪون ڪري ٿو.

بدين واسي نڪرندڙ گئس کان به محروم ھوندا آھن  ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس جي فراهمي بند  بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ته ڪو ٽائيم ئي مقرر ناهي ٽي ٽي ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر،  ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪارا شهرن ۾ گٽر نالن اٿلڻ سبب سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻيل سم نالن جي کاٽي جا آيل پئسا ڪامورن هڙپ ڪري ڇڏيا سم نالن جي  نالي ماتر کاٽي ڪرائي  اربين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا ،برساتن سبب سم نالا ابتا وھڻ سبب سوين ايڪڙ ساريال جو فصل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سڙي ويو.

بدين ضلعي جا ڪيترائي اسڪول بند آهن،  ڪٿي استادن جي کوٽ ته ڪٿي بلڊنگ نه هجڻ سبب وڻن جي ڇانو  ۾ ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ لڳا ڪٿي هڪ اسڪول ۾ سئو ٻارڙن تي هڪ استاد مقرر ته ڪٿي پنجاهه ٻارڙن تي ڏهه استاد مقرر  آهن. بدين جي ننڌڻڪي صورتحال کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾  پيپلزپارٽي کي سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

بدين ضلعو معدنيات سان مالا مال هئڻ باوجود  سڀني سھوليتن  کان محروم  آھي، روڊ رستا اکڙيل  ھنڌان ھنڌان گوڏي جيڏا کڏا پيل، اسپتالن ۾ دوائن جي شديد  کوٽ ايتري قدر جو ھڪ سرنج ۽ پيناڊول گوريون به اڻلڀ آھن، دستن ۽ ڊائريا۾ فليجل انجيڪشن ۽ نمڪول به  اڻلڀ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.