حڪيم مرندا مري ويا پر ٻڌايُن ڪنهن کي نه! عاليشان فائدن وارو ٻوٽو

اونٽ ڪٽارا جهنگن، بيابانن ۽ ٻهراڙين جي روڊن رستن جي ڀر ۾ ٿيندڙ هڪ ٻوٽي جو نالو آهي، انکي اونٽ ڪٽارا انڪري چيو وڃي ٿو جو اهو اُٺ جو پسنديده گاهه آهي، مطلب اٺ انکي وڏي شوق سان کائي ٿو، اهو ٻوٽو ڪنڊن وارو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ گُل به ٿين ٿا.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته قدرت ان معمولي سمجهي ويندڙ ٻوٽي ۾ ڪيترا فائدا رکيا آهن؟ ان لاءِ ايترو سمجهو ته اُٺ جي طاقت، ڊگهي عرصي تائين واري پنڌ ڪرڻ وغيره ۾ ان ٻوٽي جو به وڏو ڪردار هوندو آهي.

ان کي انگريزي ۾ مِلڪ ٿِسل چيو ويندو آهي، آمريڪا، انڊيا، برطانيا، ڪينيڊا ۽ ٻين جاين تي ملڪ ٿسل جو ٻج دٻين ۽ پيڪيٽن ۾ بند ٿيل وڪرو ٿيندو آهي، ڇو جو اتان جي ماڻهن کي ان جي فائدن جي خبر آهي. اهو هربل ميڊيسن ته آهي ئي پر ان جي گهرج ٻاهرين ملڪن ۾ تمام گهڻي آهي.

برِ صغير جي ماڻهن جي بدقسمتي چئجي ته هتان جا وڏا وڏا حڪيم عظيم فائدن واري هر هنڌ ٿيندڙ جڙي ٻوٽين ۽ عاليشان نسخن کي پنهنجو پاڻ سان دفن ڪيون کنيون ويا پر انهن بابت ڪنهن کي ڪجهه ٻڌايو نه، اڄ تائين به اسان جي ماڻهن ۾ اها سوچ موجود آهي  ته  اهي پنهنجين ڪاميابين، صحت ۽ خوبصورتي سميت ٻين سُٺين ڳالهين جا سبب ظاهر ئي ناهن ڪندا ته متان ڪو ٻيو انهن مان فائدو وٺي سندن جهڙو بڻجي وڃي، جن جي اهڙي سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.