اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل سمن جي ٻيهر تصديق ۽ پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پي ٽي اي ميڊيا تي موبائل سمن جي ٻيهر تصديق ۽ پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان جاري خبرن تي وضاحت ڪندي چيو ته اهڙيون خبرون درست ناهن، ڇو ته حڪومت طرفان اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو.
پي ٽي اي واضح ڪيو ته پاڪستان، خاص طور خيبر پختونخواهه ۾ به پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ افغانستان ۾ رومنگ تي هلندڙ موبائل سمون اڳ ئي بلاڪ ڪيون ويون آهن.
In response to the news circulating in various media outlets, it is stated that no such decision by the government has been taken as of yet on matters related to the re-verification of #SIMs in #Pakistan especially in KPK & the issuance of one SIM on a passport.
International…— PTA (@PTAofficialpk) October 2, 2023