”پاڪستان جي شڪست جو سبب حيدرآبادي برياني نڪتي“

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ٻي وارم اپ ميچ ۾ ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندڙ شاداب خان شڪست جو ذميوار حيدرآباد برياني کي قرار ڏئي ڇڏيو.
آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته هن ميچ جو نتيجو اهميت نٿو رکي، اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو.
هن چيو ته اسان جي اليون سائيڊ طئي ٿي وئي آهي، پنهنجي بئنچ اسٽرينٿ کي موقعو ڏئي رهيا آهيون جيئن سڀ پنهنجي مهارت ڏيکاري سگهن، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جهڙين ٽيمن سان کيڏڻ سان اعتماد ملندو آهي، اسان کي ڪنڊيشن جي به خبر پئجي رهي آهي.
شاداب خان کلندي چيو ته اسان روز حيدرآبادي برياني به کائي رهيا آهيون ۽ شايد ان ڪري ٿورا سست ٿي ويا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.