ورلڊ ڪپ، اَپ سيٽ ۽ پاڪستاني ٽيم

ڀارت ۾ پنج آڪٽوبر کان آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪرڪيٽ شوقين هر دفعي جيان هن ڀيري به ايونٽ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ آتا آهن.

هن سال ڀارت ۾ ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ عالمي ڪپ جو تيرنهون ايڊيشن آهي جيڪو پنج آڪٽوبر کان اڻويهه نومبر تائين ڏهن ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

گذريل ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽس ۾ جتي ٽيمن وچ ۾ ڪيئي سخت مقابلا ٿيا اتي ڪجهه اهڙا وڏا اَپ سيٽ پڻ ٿيا جتي ٽورنامينٽ جي سڀ کان ڪمزور سمجهي ويندڙ ٽيمن مضبوط مخالفن کي هارائي اَپ سيٽ ڪيا.

اڄ اسان اوهان کي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جَي ڪجهه وڏن اَپ سيٽس بابت ٻڌائينداسين.

1999ع واري ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش هٿان پاڪستان کي شڪست

Khaled Mashud runs out Saeed Anwar, Bangladesh v Pakistan, World Cup, Northampton, May 31, 1999

1999ع ۾ عالمي ڪپ جي مضبوط ۽ فيورٽ ٽيم پاڪستان جنهن ايونٽ ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جهڙن وڏين ٽيمن خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو، پر بدقسمتي سان ان ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس کي پهريون ڀيرو عالمي ڪپ کيڏڻ واري بنگلاديشي ٽيم آئوٽ ڪلاس  شڪست ڏيندي وڏو اَپ سيٽ ڪيو.

ان ميچ ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن م نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 223 رنسون ٺاهيون، پاڪستان لاءِ اِهو هدف ظاهر طور آسان لڳي رهيو هو پر بنگلاديشي بالرن آڏو پاڪستان جي بيٽنگ لائين واري جي ڀِت ثابت ٿي ۽ سموري ٽيم 161 رنسن تي ڍير ٿي وئي .

2003ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيسٽ اسٽيٽس نه رکندڙ ڪينيا سريلنڪا کي هارايو

World Cup, 2003 - Kenya v Sri Lanka at Nairobi, 24th February 2003

ڪرڪيٽ شوقين جڏهن به وڏن اَپ سيٽس بابت ڳالهائيندا ته کين ڪينيا جي اِها شاندار ڪارڪردگي ضرور ياد ايندي جيڪا ان 2003ع واري ورلڊ ڪپ ۾ ڏيکاري پهريون ڀيرو عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

ان ٽورنامينٽ ۾ ڪينيا جتي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو اتي اڳوڻي عالمي چيمپيئن سريلنڪا کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ هڪ وڏو اَپ سيٽ ڪيو.

2007ع ۾ ڪمزور آئرش ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏئي عالمي ڪپ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو

Boyd Rankin celebrates Younis Khan's wicket, Ireland v Pakistan, Group D, Jamaica, March 17, 2007

2007ع واري ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان  ڪرڪيٽ مداحن جون دليون ان وقت ٽٽيون جڏهن ٽورنامينٽ جي سڀ کان ڪمزور سمجهي ويندڙ ٽيم آئرلينڊ گرين شرٽس کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ مان ئي ٻاهر ڪري ڇڏيو.

آئرلينڊ خلاف پاڪستان جا بيٽر ڪريز تي گهڻو ٽڪاءُ نه ڪري سگهيا ۽ تجربيڪار بيٽرز آئرش بالرن آڏو بيوس نظر آيا، سموري پاڪستاني ٽيم رڳو 132 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

برسات سبب متاثر ميچ ۾ آئرلينڊ کي 47 اوورن ۾ 128 رنسن جو هدف مليو جيڪو ان 42 هين اوور ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو ۽ عالمي ڪپ جي سُپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي وئي جڏهن ته پاڪستان پهرين رائونڊ ۾ ئي ٻاهر ٿي ويو.

2007ع واري ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ڀارت کي شڪست ڏئي ميگا ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو

Bangladesh celebrate another Indian wicket, Bangladesh v India, Group B, Trinidad, March 17, 2007

2007ع واري عالمي ڪپ ۾ ئي ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ جي فيورٽ ٽيمن ۾ شامل هئي، ان ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان مضبوط ڀارتي بيٽنگ ميدان تي لٿي، ڀارت وٽ، ٽنڊولڪر، سهواگ، يوراج، راهول ڊريوڊ جهڙا تجربيڪار بيٽر هئا.

پر ڪنهن خبر هئي ته سڀ کان مضبوط بيٽنگ لائين کي بنگلاديش جا نوجوان بالر سوگهو ڪري وٺندا.

بالرن لاءِ سازگار سمجهي ويندڙ پِچ ي ڀارت بنگلاديش خلاف پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، پوري ڀارتي ٽيم صرف 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

جواب ۾ بنگلاديش هدف 49 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ۽ ٽورنامينٽ جو ٻيو  وڏو اَپ سيٽ ڪري ڀارت کي عالمي ڪپ مان ئي ٻاهر ڪري ڇڏيو.

2011ع ۾ آئرلينڊ انگلينڊ کي شڪست ڏئي عالمي ڪپ جو وڏو اَپ سيٽ ڪيو

Kevin O'Brien landed some huge sixes to keep Ireland fighting, England v Ireland, World Cup 2011, Bangalore, March 2, 2011

2007ع ۾ پاڪستان کي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪندڙ آئرش ڪرڪيٽ ٽيم 2011 ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو وڏو اَپ سيٽ ڪيو.

مضبوط انگلش بيٽنگ لائين آئرلينڊ خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي 327 رنسن جو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو، آئرش ٽيم جڏهن بيٽنگ شروع ڪئي ته صرف 111 رنسن تي ان جا پنج رانديگر آئوٽ ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ آئرلينڊ جي ميچ کٽڻ جا امڪان گهٽجي ويا هئا پر آئرش بيٽر ڪيون اوبرائن اهڙي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ انگلينڊ ٽيم جي وات مان گراهه کسي عالمي ڪپ ۾ هڪ وڏو اَپ سيٽ ڪيو.

هلندڙ سال دفاعي چيمپيئن انگلينڊ، ڀارت، آسٽريليا ۽ پاڪستان فيورٽ آهن پر ڏسڻو اِهو آهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ به ڪمزور سمجهيون ويندڙ ٽيمون مضبوط مخالفن خلاف ڪاميابي حاصل ڪري اَپ سيٽ ڪن ٿيون يا نه،  پر ان لاءِ اسان کي  عالمي ڪپ مقابلن جو انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.