ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 3 آڪٽوبر تي ٽانڪ ضلعي جي علائقي پيزو ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين سان گڏ ڀتي خوري ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.