هيرن جو قدر وڃائجي ويو، اگهن ۾ وڏي حد تائين لاٿ

ڪاروبار وبا کانپوءِ ماڻهن جي لگزري آئٽم کان پاسو ڪرڻ سبب سال 2023 ۾ ڪچي، غير پالش ٿيل ۽ ڪَٽيل هيرن جا اگهه وڏي حد تائين ڪِري پيا.
زمنسڪي گلوبل رف ڊائمنڊ انڊيڪس موجب هيرن جا اگهه هن سال جي سڀ کان گهٽ سطح تي آهن.
ان انڊسٽري جي تجزئي ڪارن هيرن جي اگهن ۾ لاٿ جو سبب زيورن جي وڪري ۾ گهٽتائي کي قرار ڏنو آهي.
تجزئي ڪارن جو چوڻ آهي ته ماڻهو ٻاهر کائي پي رهيا آهن، سفر ڪري رهيا آهن ۽ عيش ۽ آرام جي شين بدران تجربن تي پئسو خرچ ڪري رهيا آهن.
هيرن جي آزاد نجزئي ڪار ايڊن گولن جو چوڻ آهي ته ڪچن هيرن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطلب اهو ناهي ته خريدارن کي دڪانن ۾ سستي قيمت جا ٽيگ نظر ايندا.
هن چيو ته ريٽيلرز عام طور تي گهٽ مدي ۾ ڪچن هيرن جي مارڪيٽ جي بنياد تي پنهنجي انهن اسٽور قيمتن کي ايڊجسٽ ناهن ڪندا، ريٽيلرز قيمت جو هڪ نقطو مقرر ڪندا آهن ۽ اهي پنهنجي مجموعي مارجن جي سخت حفاظت ڪندا آهن.
گولن موجب توڙي جو ڪچي هيري جي اگهه ڪِري رهيا آهن پر اسٽور تي هڪ قيراط جو گول هيرو خريدڻ جنوري 2020 جي ڀيٽ ۾ سراسري طور 3 سيڪڙو وڌيڪ مهانگو آهي.
هيرن جي صنعت جا تجزئي ڪار سياري جي موڪلن دوران ۽ 2024 جي شروعات ۾ وڪري ۾ واڌ جي اميد رکن ٿا.
سياري جا مهينا مصروفيتن سبب عروج جي موسم هوندا آهن ۽ ڪرسمس ۽ ويلنٽائن ڊي تي عام طور تي زيورن جي ڪمپنين لاءِ فائديمند موڪلون هونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.