حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پنهنجي آل ٽائيم گڏيل پاڪ-ڀارت انٽرنيشل ٽيم چونڊي ورتي آهي.
فاڪس اسپورٽس سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم پاڪ-ڀارت آل ٽائيم ون ڊي اليون بابت ٻڌايو جنهن ۾ ليجندڙي ڪرڪيٽرز شامل آهن.
وسيم اڪرم موجب سندس ٽيم ۾ سعيد انور ۽ وريندر سهواگ اوپننگ ڪندا، ون ڊائون پوزيشن تي سچن رميش ٽنڊولڪر، مڊل آرڊر ۾ جاويد ميانداد، ويرات ڪوهلي هوندا.
اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان عمران خان ٽيم جي قيادت ڪندو ۽ ڪپل ديو سان گڏ آل رائونڊر جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر جي ذميواري مهيندر سنگهه ڌوني حوالي هوندي.
بالنگ اٽيڪ ۾ ثلقين مشتاق، جسپريت بمرا، وقار يونس شامل هوندا.