اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن جي پاڪستاني اسپنر تي ڇتي تنقيد

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روي شاستري چيو آهي ته عالمي ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان جي امڪانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نسيم شاهه جي غير موجودگي ۾ پاڪستان جي طاقت ٿوري گهٽجي وئي آهي.

روي شاسري هرڀجن سان سان ماضي جي مقابلي ۾ پاڪستان جي موجودا اسپن بالنگ ۾ نمايان تبديلي جي نشاندهي ڪئي.

هرڀجن روي شاستري جي ڳالهين سان اتفاق ڪندي چيو ته ماضي جا تمام وڏا اسپنر جيئن ثقلين مشتاق، سعيد اجمل ۽ شاهد آفريدي پاڪستان جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هنن شاداب جي بالنگ ۽ مائينڊ سيٽ تي تنقيد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بالر وڪيٽ وٺڻ کانسواءِ پنجاهه يا سٺ رنسون ڏيڻ سان مطمئن نظر ايندو آهي.

هرڀجن جي خيال ۾ اهڙي قسم جي ذهنيت اسپنر لاءِ هاڃيڪار آهي ڇو ته اِها ٽيم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ رنڊڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.