بي جي پي عورت اڳواڻ آپگهات ڪري ڇڏيو

برهان پور: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش سان تعلق رکندڙ بي جي پي اڳواڻ پوجا دادو اڻڄاتل سببن جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

بي جي پي اڳواڻ پوجا دادو ڇنڇر جي رات مبينا طور تي پنهنجي گهر ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو.

وارثن عورت اڳواڻ جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر پوجا دادو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

پوجا دادو جي وڏي ڀيڻ، به بي جي پي جي ضلعي صدر آهي، جڏهن ته سندس مرحوم پيء پڻ ايم ايل اي جي عهدي تي رهي چڪو آهي.

خودڪشي کان 12 ڪلاڪ اڳ پوجا دادو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پوجا دادو پريشان هئي سندس ڪٽنب تي قرض وڌي ويو هو پوءِ هن آپگهات جو سوچيو جڏهن ته علائقي واسين جو خيال آهي ته اهو معاملو سياسي به ٿي سگهي ٿو.

ڇو ته ان کان اڳ هن جيڪا پوسٽ ڪئي هئي ان ۾ هن ٻن سڳن ڀائرن جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري معاملي جو ذڪر هو، هن پوسٽ ۾ سندن گهرڀاتين کي آٿت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.