بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ وڌائڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ناڪافي قرار ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان چيو ته گذريل 20 ورهين کان پاڪستان ۾ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، 20 سال اڳ غربت گهٽ هئي، تنهن ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ وڌائڻي پوندي.
عالمي بئنڪ موجب ايندڙ مالي سال غربت 39.4 سيڪڙو مان گهٽجي 35 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
عالمي بئنڪ چيو آهي ته رائز ٽو پروگرام تحت 35 ڪروڙ ڊالر بورڊ جي منظوري سان جلد ملندا ۽ هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي اوسر 1.7 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي.
عالمي بئنڪ گاڏين جي خريداري، خرچن ۾ گهٽتائي، پگهارن ۽ پينشن جي ڍانچي ۾ سڌارن تي زور ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.