ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ڪئنسل، سبب ڇا آهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم احمد آباد ۾ ورلڊ ڪپ 2023ع جي حوالي سان چار آڪٽوبر واري ڏينهن رٿيل افتتاحي تقريب اوچتو ڪئنسل ڪئي وئي آهي.

ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن جي پهرين ميچ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.

ٽورنامينٽ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان چار آڪٽوبر واري ڏينهن نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم احمد آباد ۾ رنگا رنگ افتتاحي تقريب رٿي وئي هئي.

تقريب ۾ آتشبازي سان گڏ بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن، اداڪار ۽ گلوڪار جنهن ۾ رنوير سنگهه، ارجيت سنگهه، تمنا ڀاٽيا، شريه گهوشال ۽ آشا ڀوسلي کي پرفارم ڪرڻو هو پر هاڻي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته افتتاحي تقريب ڪئنسل ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ڪجهه ٽيڪنيڪي خرابيءَ سبب ڪئنسل ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ۾ اِهو به چيو پيو وڃي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان پڄاڻي سيشن يا وري 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ٽورنامينٽ جي سڀ کان وڏي دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ فنڪشن ڪرائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

پر اڃا تائين افتتاحي تقريب جي ڪئنسل يا وري تاريخ ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان باظابطا طور ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.