دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري آهي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جوچوڻ آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان مختلف فورمز تي سهڪار جاري آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري آهي، جنهن ۾ دهشتگردن جي گروهن جي فهرست ۽ عالمي حڪمت عملي سميت ڪيئي معاملا شامل آهن.

هن چيو ته هر قسم جي پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ بهتري لاءِ سهڪار رکنداسين.

ترجمان هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي جڏهن ته ان کانسواءِ هن چيو ته سک اڳواڻ قتل معاملي ۾ آمريڪا ڪئناڊا سان ويجهي رابطي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.