حڪومت اڳوڻي وزيراعظم کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي حڪومت مخالف ڌر جي سڀ کان اهم اڳواڻ ۽ ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ خالده ضياءَ کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.

خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيوته 78 ورهين جي اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ سياسي انتقام آهي.

اڳوڻي وزيراعظم جي ڊاڪٽر چيو ته آهي ته آگسٽ جي شروع ۾ خالده ضياءَ جگر جي بيماري، ساهه ۾ تڪليف ۽ شوگر سبب اسپتال ۾ داخل آهي ۽ کيس دل جي بيماري ۽ گوڏي ۾ به تڪليف آهي.

سندس گهرڀاتين گذريل مهيني حڪومت کي خط لکيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

جنهن تي بنگلاديشي قانون واري وزير آچر ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست رد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.