ملڪ ۾ ڪورونا کانپوءِ پيٽرول جو گهٽ ترين وڪرو رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اگهه بلند ترين سطح تي پهچڻ سان پيٽرول جي وڪري تي اثر پوڻ لڳا.
آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل موجب آگسٽ جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر ۾ پيٽروليم شين جي وڪري ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ سيپٽمبر دوران رڳو 10 لک ٽن پيٽروليم شيون وڪرو ٿيون.
انگن اکرن موجب بجلي پيدا ڪندڙ فرنس آئل جي وڪري ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا کانپوءِ پيٽروليم شين جو اهو گهٽ ترين وڪرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.