ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ سان سعودي عرب ۾ ٺڳي

پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ سعودي عرب ۾ فراڊ جو شڪار ٿي وئي.
صندل خٽڪ سان مبينا طور تي سعودي عرب ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ويزا جي مد ۾ فراڊ ڪيو، فراڊي جو واسطو لاهور سان آهي.
صندل خٽڪ ٻڌايو ته جوابدار پئسا وٺي پاسپورٽ رکي ڇڏيندو آهي ۽ ويزا رد ٿيڻ جو اسٽيمپ ڏيکاري ڇڏيندو آهي، ان ڪم جا 10 هزار ريال وٺي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار خلاف ايف آءِ اي ۾ رپورٽ داخل ڪرائينديس.
هوڏانهن ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته شڪايت وصول ٿيڻ کانپوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.