ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي زميني ماهر پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان ۾ فوري طور زلزلو اچڻ جون ڪي سائنسي شاهديون ناهن پر ايندڙ 6 کان 8 سالن دوران چمن فالٽ لائن تي وڏي شدت جو زلزلو اچي سگهي ٿو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر دين محمد چيو ته عوام کي زلزلي جي تازي اڳڪٿي تي خوفزده ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته 24 کان 48 ڪلاڪن دوران زلزلي جي اڳڪٿي ممڪن ناهي، چمن فالٽ لائن ڪابل جي ڏکڻ کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا بلوچستان جي شهر چمن کان نوشڪي، قلات، خضدار، آواران کان عربي سمنڊ ۾ وڃي ختم ٿئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ان فالٽ لائن ۾ 1892 ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو هو، جنهن سان پراڻو چمن شهر تباهه ٿيو هو، هن وقت چمن فالٽ لائن توڙي جو فعال ٿي وئي آهي پر اهو چوڻ درست ناهي ته ان سان هنگامي طور تي زلزلو اچي سگهي ٿو.
دين محمد ڪاڪڙ ٻڌايو ته چمن فالٽ لائن ڪوئيٽا کي سڌي ريت متاثر نٿي ڪري، ڇو ته ڪوئيٽا جي پنهنجي فالٽ لائن موجود آهي.
زميني ماهر چيو ته ڪوئيٽا ۽ غزه بند فالٽ لائن تي به خطرا موجود آهن پر عوام کي تازي زلزلي جي اڳڪٿي سان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
گڏوگڏ هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ بلڊنگ ڪوڊ جي مڪمل پاسداري ۽ زلزلي کان مهفوظ عمارتون ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي.
You might also like