”ڀارت ۾ موجود ڪينڊين سفير نڪري وڃو“ مودي سرڪار وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت، ڪئناڊا کي فوري طور پنهنجي سفيرن جو انگ گهٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڀارت ۽ ڪئناڊا وچ ۾ خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل کانپوءِ ڇڪتان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي ڪئناڊا ۾ قتل کانپوءِ جتي ڪئناڊا ڀارتي سفيرن کي مُلڪ بدر ڪيو ان جي جواب ۾ ڀارت به ڪئناڊا جي سفيرن کي ملڪ ڇڏڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي مُلڪن وچ ۾ سفارتي سطح تي ڇڪتان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت هاڻي ڪئناڊا جي پنهنجي سفارتخاني ۾ عملي جو انگ گهٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي سرڪار ڪئناڊا کي ڀارت ۾ موجود سفارتخاني مان چاليهه سفيرن کي واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان لاءِ ڏهه آڪٽوبر تائين جو وقت ڏنو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت ڪئناڊا کي ڌمڪي پڻ ڏني آهي ته جيڪڏهن سندن طرفان ڏنل تاريخ تائين سفيرن مُلڪ نه ڇڏيو ته کين حاصل سفارتي ڇوٽ ختم ڪئي ويندي.

رپورٽن موجب، ڀارت ۾ ڪئناڊا جا 62 سفير موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.