تمام وڏي تبديلي، واٽس اَيپ ڊيٽ ڪندا رهو

واٽس ايپ طرفان ميسجنگ پليٽ فارم۾ لڳاتار تبديلين جو سلسلو جاري آهي ته جيئن واهپيدارن لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن.

مئي 2023ع ۾ واٽس ايپ مين ڪئي ويندڙ هڪ تمام وڏي تبديلي بابت رپورٽ شايع ٿي هئي.

ان رپورٽ تحت فون نمبر جي متبادل طور تي يوزر نيم جو استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو هو.

پر ان نئين فيچر بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا هئا ۽ هاڻ ان سلسلي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس طرفان ان فيچر ۾ اڳڀرائي ڪئي وئي آهي ۽ آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ نئي بيٽا ورجن ۾ اِهو فيچر متعارف  ڪرايو ويو آهي.

واضح رهي ته مئي ۾ اِهو فيچر اينڊرائيڊ ڊيوائسز جي بيٽا ورجن ۾ نظر آيو هو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته فيچر تحت پروفائيل سيٽنگز ۾ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو ڪيو ويندو جتي واهپيدارن پنهنجي پسند جي يوزر نيم جي چونڊ ڪري سگهندا.

رپورٽ موجب، صارف کي اِهو اختيار هوندو ته هو يوزر نيم جي چونڊ ڪري يا نه ڪري ۽ هر يوزر نيم مختلف هوندو.

ان تبديلي باوجود به واٽس ايپ اڪائونٽ فون نمبر سان ئي لنڪ هوندا پر ٻين ماڻهن سان ڳالهه ٻول لاءِ فون نمبر ڏيڻ جي ضرورت نه رهندي.

سولن لفظن ۾ فون نمبر يا ڪيو آر ڪوڊ بدران يوزر نيم سان ذريعي کيس ڳولڻ ممڪن بڻجي ويندو.

يعني اهڙن واهپيدارن جي پرائيويسي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ فون نمبر اوپرن ماڻهن جي پهچ کان محفوظ رهندا.

فلحال اِهو فيچر آءِ او ايس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

فلحال اِهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪيستائين يوزر نيم وارو فيچر تمام وهپيدارن لاءِ موجود هوندو پر ويجهڙائي وارن مهينن دوران واٽس ايپ ۾ اهم فيچرن جي واڌ کي نظر ۾ رکندي امڪان آهي ته تمام جلد اِهو فيچر به صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.