ڊچ سائنسدان جي زلزلي بابت اڳڪٿي جو ڇا ٿيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شمسي نظام جي جاميٽري سروي جي ميمبر ڊچ محقق فرينڪ هوگر بيٽس اڳڪٿي ڪئي هئي
ته پاڪستان ۾ طاقتور زلزلو اچڻ وارو آهي.
هوگر بيٽس ماضي ۾ ترڪي ۽ شام ۾ موتمار زلزلي جي اڳڪٿي ڪري چڪي هئي جيڪا صحيح ثابت ٿي هئي.
تازو هن پنهنجي تحقيق جي زور تي ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته طاقتور زلزلي اچي سگهي ٿو، هن اهو به واضح
ڪيو ته هو يقين سان اها ڳالهه نٿو چئي سگهي.
اهڙي اڳڪٿي کانپوءِ ماڻهن ۾ ڳڻتي هئي ۽ خدشا پيدا ٿي رهيا هئا ۽ ماڻهو ٻين ماهرن کان رهنمائي وٺي رهيا هئا.
تنهن بعد پاڪستان جي قومي اداري نيشنل سونامي سينٽر ڪراچي جي ڊائريڪٽر بيان جاري ڪندي چيو هو ته
ڪو به زلزلو نه پيو اچي ۽ ڪير درست اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي.
هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪٿي به ڪنهن به زلزلي جا اطلاع ناهن مليا ۽ ڪي امڪان به ناهن ظاهر ڪيا ويا.
ٻئي پاسي ڀارت ۽ نيپال ۾ اڄ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا پر ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.