” مان صرف بدنام آهيان“ امام جا ساٿي ڪرڪيٽرن بابت انڪشاف

قومي ڪرڪيٽر ۽ اوپنگ بيٽر امام الحق چيو آهي ته ٽيم جا سمورا رانديگر منهنجي روم ۾ گهڙي منهنجا هيئر اسپري استعمال ڪندا آهن.

آءِ سي سي جي انسٽاگرام پئچ تي امام الحق جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪامينٽيٽر ڪرڪيٽر جي خوبصورت وارن جي روٽين بابت سوال ڪيا.

جنهن جي جواب ۾ امام الحق ٻڌايو جي ها! مان پنهنجي وارن جو تمام گهڻو خيال رکندو آهيان، پر مان رُڳي بدنام آهيان ڇو جو هو سڀ منهنجي ڪمري ۾ گهڙي اسپري استعمال ڪندا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ICC (@icc)

ڪرڪيٽر ٻڌايو ته هنيئر به منهنجي ڪمري ۾ سڀئي ڪرڪيٽر موجود هئا، جن ۾ حارث رئوف، حسن علي ۽ بابر سڀ روم ۾ اچي پروٽين اسپري، بلو آئوٽ اسپري استعمال ڪندا آهن جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان.

امام ڪامينٽيٽر جي سوال تي ٿورا مڃيندي چيو ته سٺو ٿيو اوهان پڇي ورتو مان به بس اِهو ڪيئر ڪرڻ چاهيان پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.