”مارشل لا لڳي ته سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ويندو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته جڏهن مارشل لا لڳندو آهي ته سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ويندو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جي شروعات تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اڄ ڪيس ختم ڪيون، هڪ ڪيس کي وٺي نٿا ويهي سگهون، سپريم ڪورٽ ۾ اڳ ئي گهڻا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
چيف جسٽس چيو ته اڄ ان قانون جو اثر خاص طور چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن تي ٿيندو، اختيارن کي گهٽ نه ورهايو پيو وڃي، اهو قانون ايندڙ چيف جسٽسز تي به لاڳو هوندو، ڪجهه جج سمجهن ٿا ته چيف جسٽس جو اختيار ۽ پارليامينٽ جو اختيار آمهون سامهون آهي، ڪجهه ائين نٿا سمجهن.
هن چيو ڪجهه ماڻهن جو به اهو خيال آهي ته ان قانون سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون ٿي ويا، مان لفظ جنگ استعمال نه ڪندس، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر هاڻ قانون بڻجي چڪو آهي، پارليامينٽ قانون سازي ڪري سگهي ٿي يا نه ان بحث ۾ نه وڃڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آئين سان ٽڪراءُ آهي يا نه اهو ٻڌايو.
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عدالت جڏهن آئيني ترميم به ڏسي سگهي ٿي ته ڳالهه ختم ٿي وئي، توهان جو دليل آهي ته آئيني ترميم سان اهو قانون بڻجي وڃي ته ٺيڪ آهي، جڏهن توهان عدالت جي آزادي جي ڳالهه ڪندا آهيو ته ڇا اها آزادي پاڻمرادو ناياب شئي آهي يا ماڻهن لاءِ آهي؟ عدالت جي آزادي رڳو ان جي پنهنجي لاءِ آهي ته ان جو هر صورت دفاع ڪرڻو آهي؟ عدالت جي آزادي ماڻهن لاءِ ناهي؟ ان ڳالهه تي روشني وجهو، جيڪڏهن سڀاڻي پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ته بيواهن جي ڪيسن کي ترجيح ڏيو، ڇا ان قانون سازي سان عدليا جي آزادي متاثر ٿيندي؟
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن مارشل لا لڳندو آهي ته سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ويندو آهي، پارليامينٽ چيو سپريم ڪورٽ جو اختيار وڌايو ويو، پارليامينٽ چئي ٿي هنن ٺيڪ قانون سازي ڪئي.
هن چيو ته مفروضن جي نه حقيقت جي ٻولي ڄاڻان ٿو، مولوي تميزالدين کان شروع ڪيو يا نصرت ڀٽو کان، انهن چيو آئين سان هٿ چراند ڪرڻ چاهيو ته ڪيو، پاڪستان سان هٿ چراند ٿيڻ نه ڏينداسين، پارليامينٽ جو قدر ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته فرد واحد هن ملڪ جي تباهي ڪئي آهي، فرد واحد ۾ ڀلي مارشل لا هجي يا ڪو به، اسان کي پاڻ ۾ فيصلو ڪرڻو آهي، ججن سان توهان کي ڪهڙو مسئلو آهي، هڪ چيف جسٽس فيصلو ڪيو، اهو ٺيڪ آهي وڌيڪ ڪن ته غلط آهي، اهو قانون هڪ شخص لاءِ ڪيئن آهي، اهو به سمجهه ۾ نه آيو، سڀ بس پارليامينٽ تي حملو ڪري رهيا آهن، اهو ڏسو ته قانون عوام لاءِ بهتر آهي يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.