اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سياسي جماعتون جيڪڏهن چاهين به ته صاف شفاف چونڊون انهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
پنهنجي سربراهي ۾ پاڪستان ۾ اليڪشن، سياسي استحڪام ۽ معاشي بحالي جي موضوع تي پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ڪنهن سياسي جماعت تي پابندي نه هجي، سياسي انجنيئرنگ جي صورت ۾ صاف شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون.
هن چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ سڀني جماعتن کي برابري جو موقعو ڏيو، معيشت جو معاملو ايندڙ حڪومت ئي اچي ڏسندي، رڳو چونڊن سان سياسي استحڪام ناهي ايندو، جيڪڏهن اسان سياسي استحڪام چاهيون ٿا ته چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته هر ادارو حدن ۾ رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسان جو الميو اهو آهي ته 75 سالن کانپوءِ به جمهوريت جي نظام جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان هڪ نئين نظام جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.
You might also like