چين ۾ 8 ورهين جي ”اسپائيڊر گرل“ جون وڊيوز وائرل

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) اسان سڀني کي پنهنجي پسنديدهه صوفي تي ويهي ٽي وي تي پنهنجو پسنديدا شو، فلم يا گيم ڏسڻ پسند آهي پر چين ۾ هڪ ٻارڙي ان طريقي ۾ انوکو انداز اختيار ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب چين سان واسطو رکندڙ 8 ورهين جي ٻارڙي جي ڪمري جي ڇت تائين وڃي ڀت سان چنبڙي ويهي ٽي وي ڏسڻ جون وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، گھڻا ماڻهو ان ٻارڙي کي حقيقي زندگي جي ”اسپائيڊر گرل“ قرار ڏئي رهيا آهن.

https://youtu.be/pYtZtMmPxsgهڪ سوشل ميڊيا واهپيدار وڊيو تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهو ٻارڙيءَ جو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي جنهن تي امڪاني طور تي اسپائيڊر مين جو ڪردار نڀائيندڙ آمريڪي اداڪار ٽوبي ميگوئير کي فخر ٿيندو.
وڊيو ۾ ڇوڪري کي ٽي وي جو رموٽ هٿ ۾ کڻي سولائي سان ڀت سان چنبڙي ويهندي ڏسي سگھجي ٿو. ان ڪارنامي کي ٻارڙيءَ جي ماءُ گھر ۾ لڳل ڪيمرائن ذريعي دريافت ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.