سوئٽزرلينڊ: (ويب ڊيسڪ) جانورن تي ڪيل هڪ تجربي ۾ محققن جينياتي ٿراپي ذريعي ڪرنگهي جي هڏي سبب چري نه سگهندر ڪوئن ۾ جسماني حرڪت کي بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
محققن تجربي ۾ ڏٺو ته جزوي طور تي ڪرنگهي جي هڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڪوئا هلڻ ڦرڻ جوڳا نه هئا، جينياتي ٿراپي جي مدد سان اهي ٻيهر هلڻ جهڙا ٿي ويا.
محققن چيو ته اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇو ته نئين جين ٿراپي ۾ نه رڳو ڪرنگهي جي هڏي جي ٽشوز جي مرمت لاءِ ٽيڪنيڪس جو استعمال ڪيو ويو پر مرمت کي ان طريقي سان انجام ڏنو ويو جو جسم ۾ چرپر بحال ڪري سگهجي.
سوئس ريسرچ اينڊ ٽريٽمينٽ سينٽر نيورو ريسٽور ۾ سينٽرل نروس سستم ري جنريشن جي دائريڪٽر ۽ سينيئر محقق جي ڪري ان ۾ سگنلز ڪٽجي ويندا آهن جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ اعتصابي ريشا ٻيهر پيد اڪري سگهجن ٿا ۽ اڄ اهو ممڪن ٿي ويو آهي.
اينڊرسن نيوز رليز ۾ چيو ويو ته اسان اهو به محسوس ڪيو ته جينياتي ٿراپي مڪمل طور تي متاثر ڪرنگهي جي هڏي ۾ موٽر فنڪشن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي ڇو ته نوان ريشا زخم جي ٻئي پاسي صحيح جاين تي جڙڻ ۾ ناڪام رهندا آهن.