ڊونلڊ ٽرمپ مان آمريڪي سلامتي کي خطرو آهي: آمريڪي صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر جو بائيڊن اڳوڻي صدر ۽ سياسي مخالف کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن ڀيري اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي لاءِ هر جائز ۽ ناجائز حربو استعمال ڪري رهيو آهي. ڀلي ان سان ملڪ ۽ جمهوريت کي ڪيترو ئي نقصان ڇو نه پهچي.
صدر بائيڊن ٽرمپ جي جماعت جي اسيمبلي ميمبرن کي انتهاپسند قرار ڏيندي چيو ته ريپبلڪن جماعت مل جي سلامتي ۽ جمهوريت لاءِ خطرو بڻجندي پئي وڃي.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ بدلي ۽ انتقامي ڪاررواين جو ماهر آهي جيڪو اظهار راءِ جي آزادي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي.
پر صدر بائيڊن ڊونلڊ ٽرمپ جي امڪاني نااهلي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي پاسو ڪيو.
ٻي پاسي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دوکي جي الزام ۾ نيويارڪ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ پنهنجي خلاف امڪاني نااهلي کان بچڻ لاءِ دليل ۽ شاهديون پيش ڪندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ٻي مدي لاءِ به 2024ع ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊون وڙهندو ۽ جيڪڏهن هو کٽي ويو ته هو 86 سالن جي عمر ۾ صدر بڻجڻ جو اعزاز ماڻيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.