ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اسپورٽس اينڪر ۽ ڪرڪيٽ پريزنٽر زيب عباس آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پريزنٽر جي حيثيت سان شريڪ ٿيندي.
زينب عباس ايڪس تي شيئر پيغام ۾ پنهنجي مداحن کي ان خبر کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پريزنٽر طور شرڪت مون لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.
There was always intrigue on what lies on the other side, more cultural similarities than differences, rivals on the field but camaraderie off the field, the same language & love for art & a country with a billion people, here to represent, to create content & bring in expertise… pic.twitter.com/dvoRUASpmm
— zainab abbas (@ZAbbasOfficial) October 2, 2023
ان کان اڳ آءِ سي سي جمعي تي ڀارت ۾ 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان جو رميز راجا ۽ وقار يونس به شامل آهن.