آمريڪا ايران جي ڪاميابي جو اعتراف ڪري ورتو

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا خاموشي سان تسليم ڪيو آهي ته ايران جي نيم فوجي جٿي هلندڙ هفتي هڪ سيٽلائيٽ کي ڪاميابي سان مدار ۾ موڪليو آهي.
ميڊيا جي رپورٽ موجب ايران جيڪا سيٽلائيٽ لانچ ڪئي آهي، اها ٻين ملڪن جي سيٽلائيٽس جهڙي ئي آهي، ان کان اڳ آمريڪا ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي تنقيد ڪندو هو.
آمريڪي فوج ايسوسي ايٽڊ پريس طرفان تبصري لاءِ هر هر ڪئي ويندڙ درخواست جو جواب ناهي ڏنو ويو.
ايران اربع ڏينهن نور-3 سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪو ايران جي سويلين خلائي پروگرام جي لاڳيتو ناڪامي کان پوءِ اهو ڪاميابي سان لانچ ٿيو هو.
جمعي جي ڏينهن هڪ اسپيس ٽريڪ نالي ويب سائيٽ طرفان انگ اکر جاري ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ نور-3 سيٽلائيٽ کي مدار ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
ويب سائيٽ کي ڄاڻ آمريڪي اسپيس فورس جي 18هين اسپيس ڊفينس اسڪوارڊز جي ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي، جيڪو آمريڪي فوج جو جديد ترين جٿو آهي.
ان سيٽلائيٽ کي زمين جي سطح کان 450 ڪلوميٽر مٿي رکيو گڏ ئي سيٽلائيٽ کي کڻي ويندڙ راڪيٽ کي به ڏيکاريو آهي، جنهن کي 2020ع ۾ پهريون ڀيرو لانچ ڪيو ويو هو.
خميس ڏينهن ايران جي سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي گارڊ اسپيس ڪمانڊر جنرل علي جعفرآبادي نوري-3 سيٽلائيٽ جي حوالي سان چيو ته اهو پهرين ٻن مشنز کان وڌيڪ بهتر آهي، جڏهن ته 2020ع ۾ لانچ ڪيل ناڪام ٿي ويو هو.
جعفرآبادي چيو ته نور-3 ۾ پنهنجي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن اوهان دنيا جي تازين جنگين تي نظر وجهندئو ته اوهان ڏسندئو ته جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي جو دارومدار سيٽلائيٽ ٽيڪنالوجيز جي استعمال تي آهي.
هن واضح ڪيو ته هاڻي سڀني ترقي پسند ملڪن جي هٿياربند فوج پنهنجن سمورن آوزارن کي رموٽ ڪنٽرول بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
آمريڪا جو چوڻ هو ته ايران جو سيتلائيٽ لانچ ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان تهران کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اهڙي ڪا به سرگرمي نه ڪن جنهن ۾ جوهري هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ بيلسٽڪ ميزائل شامل هجن.
واضح رهي ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت گڏيل قومن جون پابنديون 18 اڪٽوبر تي ختم ٿيڻ واريون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.