ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل ملازمن ۾ ڪپهه جي ڌوڙ، دَز سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ صحت جي حوالي سان ڊاڪٽر اسد نفيس، اسسٽنٽ پروفيسر آغا خان يونيورسٽي (AKU) ۾ ڪميونٽي هيلٿ سائنسز ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر پاران ڪيل هڪ گهڻ رخي مطالعو ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي نوعيت جو وڏو مطالبو آهي.
نيشنل هارٽ اينڊ لنگ انسٽيٽيوٽ (NHLI) ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن جي سهڪار سان ملٽي ٽيڪس آر سي ٽي MultiTex RCT جي عنوان سان ڪيل مطالعو پاڪستان ۽ ٻين گهٽ ۽ وچين آمدني وارن ملڪن (LMICs) ۾ ٽيڪسٽائيل مزدورن لاءِ پيشيوراڻي صحت جي معاملي ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.
لاڳيتو ڪپهه جي دز هڪ بيماري ڏئي ٿي، جنهن کي بائيسينوسس چيو وڃي ٿو، اها بيماري ڪاروباري صحت ۽ حفاظت جي قدمن تائين محدود رسائي جي ڪري LMICs ۾ ٽيڪسٽائل مزدورن ۾ پکڙجي ٿي، ڪراچي ۾ 38 ٽيڪسٽائيل ملز مان 2031 مزدورن جي شروعاتي مطالعي ۾ گهٽ خرچ واري پيڪيج کي آزمايو ويو ته جيئن اهو ڄاڻي سگهجي ته مزدورن تي خراب اثرن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾ سڀني ڪارڪنن ۽ مينيجرز لاءِ پيشيوراڻي صحت جي تربيت، باقاعده ريفريشر سيشن، صحت ۽ حفاظت جي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم جي جڳهه تي ڪميٽين جو قيام شامل آهي، جنهن ۾ ويٽ ميپنگ ۽ ڪپهه جي دَز جي محفوظ نيڪال ۽ چهري تي ماسڪ جي فراهمي شامل آهي، نتيجي ۾ ٽيڪسٽائل مزدورن ۾ ڦڦڙن جي مرض ۽ ساهه کڻڻ واري مسئلن ۾ واضح گهٽتائي ڏٺي وئي.
ويلڪم ٽرسٽ پاران ٽن سالن جي عرصي لاءِ فنڊ ڪيل هن اهم تحقيق جي نتيجن کي پاڪستان ۽ ٻين هنڌن تي مزدورن کي محفوظ رهڻ ۽ انهن جي بيمارين جي بار کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ واري وڏي ٽيڪسٽائل منظرنامي تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
مطالعي جي نتيجن تي بحث ڪندي امپيريل ڪاليج لنڊن جي اڳوڻي پروفيسر پال ڪولينن چيو ته ”هي پيشيوراڻي صحت جي مداخلتن جو مطالعو انتهائي ناياب آهي ۽ هن ڪم ۾ وڏي پئماني تي واڌ جو عزم ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهو مقامي سطح تائين منتقل ٿئي ٿو، ان جو ڪو به سبب نه هوندو ته ان جو وسيع، قومي ۽ عالمي سطح تي ڪردار نه ٿي سگهندو، 200 سالن ۾ اسان بيسينوسس کي منهن ڏنو آهي، اهو ڪم ان جي ڪنٽرول ۾ هڪ تاريخي نمائندگي ڪري ٿو.
هن ان سادي پر تبديليءَ واري مداخلت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مزدورن جي فائدي لاءِ ان کي وسيع بڻائڻ جي حمايت ڪئي.
ان ڳالهه جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر اسد نفيس وضاحت ڪئي ته هي آزمائش ٽيڪسٽائل ملز جي بي ترتيب يونٽن جي طور تي هڪ متوازي، ڪلستر-بي ترتيب ٿيل ڪنٽرول مطالعو هو، اهو سڄي علائقي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو ۽ امڪاني طور تي صحتمند ۽ وڌيڪ پيداواري افرادي قوت جي نتيجي ۾ سڀني ڪارڪنن جي صحت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
اهم نتيجن کي تازو هڪ سيمينار ۾ پيش ڪيو ويو، جتي انجنيئر سبطين مغل، جوائنٽ ڊائريڪٽر ليبر (او ايس ايڇ)، سنڌ حڪومت، مطالعي پاران سفارش ڪيل صحت جي قدمن تي عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مدد جو عزم ڪيو ۽ چيو ته ”مزدور هڪ اعليٰ سطحي خيال ۽ ڌيان جا حقدار آهن، ڇو ته انهن جي صحت ملڪ جي صنعتي پيداوار ۽ معيشت لاءِ اهم اهميت رکي ٿي“.
پيشيوراڻي صحت تي اثرن جي حوالي سان ڪيترائي ڪارڻ بيان ڪيا ويا آهن، مطالعي کي تازو يورپي ريسپائريٽري جرنل پڻ قبول ڪيو هو.
ٽيڪسٽائل مزدورن جي صحت بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ اجاڳر ڪندڙ آغا خان يونيورسٽي جي تحقيق
You might also like