مائيڪل وان عالمي ڪپ جي ٽاپ چئن ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان به بي چين نظر اچي رهيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مائيڪل وان پنهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو آهي.

اڳوڻي انگلش ڪپتان لکيو ته هلندڙ هفتي عالمي ڪپ شروع ٿي رهيو آهي جنهن جو بي صبري سان اوسيئڙو آهي، پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ منهنجون سيمي فائنلسٽ ٽيمون آهن.

ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ميگا ايونٽ جو فائنل 19 نومبر تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.