ڀارتي ميڊيا جا روهت شرما بابت دنگ ڪري ڇڏيندڙ انڪشاف

گذريل سال ٽنهي فارميٽن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت سنڀاليندڙ ڪپتان روهت شرما هن وقت تائين ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪيئي رڪارڊ پنهنجي ۽ ڀارتي ٽيم جي نالي ڪرائي چڪو آهي، سندس قيادت ۾ آءِ پي ايل جي فرنچائز ممبئي انڊينز کي پنج ڀيرا فاتح بڻائي چڪو آهي.

روهت شرما جي ڪيريئر دوران ٺهندڙ رڪارڊن بابت ته ڪرڪيٽ مداح واقف آهن پر ڇا اوهان ڀارتي ڪپتان جي ملڪيت ۽ اثاثن بابت ڄاڻو ٿا، جيڪڏهن نه ته اڄوڪي رپورٽ ۾ اسان اوهان اِهي تفصيل ٻڌائينداسين.

ويجهڙائي ۾ ڀارتي ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ رپورٽ موجب، ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽر جي مجموعي دولت ٽيهه ملين آمريڪي ڊالر يعني ٻه سئو اٺيتاليهه ڪروڙ ڀارتي رُپيا آهي.

رپورٽ موجب، آءِ پي ايل جي فرنچائز ممبئي انڊينز روهت سان 16 ڪروڙ ڀارتي رُپين جو معاهدو ڪيو آهي، معاهدي تحت آءِ پي ايل ۾ کيڏيون ويندڙ 14 ميچز ۾ اسٽار ڪرڪيٽر جي هڪ ميچ جي فيس گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ 14 لک ڀارتي رُپيا ٺهي ٿي.

روهت شرما جو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) سان طئي ٿيل معاهدي جي رقم ساليانو ست ڪروڙ ڀارتي رُپيا آهي تنهنڪري روهت شرما ڪپتان طور به ڀارت جي نمائنديگي ڪندي هڪ ٽيسٽ ميچ جا پندرنهن لک، ون ڊي ميچ جا ڇهه لک ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچ جا ٽي لک وٺندو آهي.

ان کانسواءِ روهت شرما ڪيئي رٿائن ۾ سيڙپڪاري به ڪئي آهي جنهن ذريعي روهت جي سالياني آمدني ست ڪروڙ ڀارتي رُپيا ٺهي ٿي.

2015ع ۾ روهت ممبئي جي علائقي ورلي جي آوهوجا ٽاور ۾ عاليشان گهر خريد ڪيو هو، هلندڙ سال ان جي گهر جي ماليت ٽيهه ڪروڙ ڀارتي رُپيا آهي.

ٻئي پاسي روهت وٽ موجود ڪارن جي ماليت اٺ ڪروڙ پنجويهه لک ڀارتي رُپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.