ماهرا خان جو مڙس ڪير آهي ۽ ٻنهي جي ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟

ماهرا خان جي شادي هن وقت سوشل ميڊيا جو هاٽ ٽاپڪ آهي، اداڪارا پنهنجو ”همسفر“ ملڻ جي تصديق اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي ان ڪري يقينن گھڻن ماڻهن کي خبر هئي ته ماهرا خان سليم ڪريم جي چونڊ ڪئي آهي.
ان شادي جون خبرون ڪيترن ئي مهينن کان وائرل هيون جيڪا گذريل شام مري جي پرسڪون وادي ۾ ٿي.
ڄاڻڻ جي خواهشمندن کي ٻڌائيدا هلون ته ماهرا ۽ سليم ڪريم گذريل 5 سالن کان رابطي ۾ هئا، سليم ڪريم پاڪستاني فلم انڊسٽري جو حصو ناهي پر هڪ ڪاروباري شخصيت آهي.
سليم ڪريم اسٽارٽ اپ ڪمپني ”سِم پيسا“ جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر آهي، هن جي اها اسٽارٽ اپ ڪمپني ماڻهن کي سم ذريعي سڌي ريت ادائگيون ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندي مالي ڏيتي ليتي کي سولو بڻائيندي آهي.
سِم پيسا 15 کان وڌيڪ ملڪن ۾ مختلف شعبن جي واپارين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي.
سليم ڪريم ڪراچي ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ رهندو آهي، هن 2005ع ۾ يونيورسٽي آف ويسٽرن اونٽاريو مان معاشيات ۾ بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي.
پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ هو 9 سالن تان اطالوي ڪمپني سان سلهاڙيل رهيو جنهن کان پوءِ هو گليڪسو سمٿ ڪلين ۾ برانڊ مئنيجر طور شامل ٿيو.
پهرين ملاقات ڪٿي ٿي
ماهرا ۽ سليم 2017ع ۾ ٽيپ ميڊ نالي ٽي وي ايپ جي لانچ جي موقعي تي پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان مليا هئا.
رپورٽن موجب اداڪارا 2019ع ۾ ترڪي ۾ سليم ڪريم سان مڱڻي ڪئي هئي.
ماهرا پنهنجي ”لو لائيف“ کي اسپاٽ لائيٽ کان پري رکيو آهي، ميڊيا تي هن ٻه کان ٽي ڀيرا سليم ڪريم جي حوالي سان کُلي ڪري ڳالهايو آهي، سال 2020ع ۾ ماهرا پهريون ڀيرو تصديق ڪئي هئي ته هوءَ ڪنهن سان لاڳاپن ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.