زلزلو ماپيندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي (ايس ايس جي ايس) چمن فالٽ لائن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
زلزلو ماپيندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي (ايس ايس جي ايس) ٻڌايو آهي ته بلوچستان ۾ زمين هيٺ چمن فالٽ لائن ۾ تيز چرپر رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان علائقي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪو طاقتور زلزلو اچي سگهي ٿو، جنهن جي شدت 6 يا ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
ايس ايس جي ايس موجب سمنڊ جي سطح ڀرسان فضا ۾ برقي چارج جي لاهن چاڙهن کي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب نقشي ۾ واڱڻائي رنگ وارن علائقن (پاڪستان جي بلوچستان صوبي سميت) ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ طاقتور زلزلو اچي سگهي ٿو.
ايس ايس جي ايس جو چوڻ آهي ته واضح ڪيل اهي علائقا رڳو هڪ اندازي موجب آهن ۽ درست هنڌن جو پتو لڳائڻ جو في الحال ڪو اعتماد جوڳو طريقو ناهي.
ايس ايس جي ايس چمن فالٽ لائن کي انتهائي طاقتور امڪاني زلزلي جو ريجن قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي فالٽ لائن کي چمن فالٽ سسٽم چيو ويندو آهي، اهو 900 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي ۽ ان ئي فالٽ سسٽم تي 31 مئي 1935 ۾ منجهند جي وقت ڪوئيٽا ۾ خوفناڪ زلزلو آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.
ان فالٽ لائن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جا علائقا ايندا آهن.
واضح رهي ته هلندڙ سال نيڌرلينڊز سان واسطو رکندڙ تحقيق ڪار فرينڪ هوگر بيٽس 3 فيبروري تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته جلد يا دير سان ترڪيه، اردن، شام ۽ لبنان ۾ زلزلو ايندو، جيڪا اڳڪٿي 3 ڏينهن کانپوءِ سچ ثابت ٿي هئي.
ترڪيه ۽ شام ۾ 6 فيبروري تي زلزلو آيو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو فوت ۽ لکين زخمي ٿيا هئا.