”چاهيان ٿو عالمي ڪپ ۾ افغانستان، پاڪستان کي هارائي“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان کي افغانستان هٿان هارائيندو ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا سان گفتگو دوران اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ ورلڊ ڪپ ۾ وڏا اَپ سيٽ ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

سهواگ پاڪستاني ٽيم سميت عالمي ڪپ جي وڏين ٽيمن جي ميچن ۾ ته اَپ سيٽ ڏسڻ جو خواهشمند نظر آيو پر ڀارت کي ان فهرست کان پري رکيو آهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته هو ڀارت کي ڪنهن ڪمزور ٽيم هٿان هارائيندو نه ٿو ڏسڻ چاهي پر عالمي ڪپ ۾ اَپ سيٽ ڏسڻ جو خواهشمند آهي.

وريندر سهواگ وڌيڪ چيو ته افغانستان کي پاڪستان کي هارائڻ گهرجي جڏهن ته نيوزيلينڊ آسٽريليا خلاف ٽاپ تي آهي، سٺو ٿيندو جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي شڪست ڏئي پر هو ان فهرست ۾ ڀارت کي ڪٿي نه ٿو ڏسڻ چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.