پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز خان چوايو سَر ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

پاڪستان جي جبل چاڙهو سرباز خان اٺ هزار ميٽر کان بلند تيرنهن چوٽين سر ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو.

سرباز خان دنيا جي ڇهين چوٽي چوايو کي سر ڪيو ۽ تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

چين ۾ موجود چوايو جي اونچائي اٺ هزار هڪ سئو اٺاسي ميٽر آهي، سرباز بنا مصنوعي آڪسيجن جي چوايو جي چوٽي سر ڪئي.

پاڪستاني جبل چاڙهو 10 ” ايٽ ٿائوزنڊرز“ کانسواءِ آڪسيجن سر ڪندڙ اڪيلو پاڪستاني آهي.

سرباز گذريل رات ڪيمپ ون کان پنهنجو سفر شروع ڪيو هو.

سرباز کي مشن 14 مڪمل ڪرڻ لاءِ هاڻي صرف هڪ چوٽي سر ڪرڻي آهي، سرباز خان هلندڙ سيزن ۾ ئي شيشا پنگما سرڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.