ڪمري ۾ موجود ماڻهن کي خاموش ڪري ڇڏيندڙ ”اسپيڪر“ تيار

ورچوئل ميٽنگ ۾ ماڻهن جي آوازن کي ميوٽ ڪرڻ ممڪن ناهي پر ڪنهن هوٽل، ڪمري يا ڪنهن به هنڌ موجود هجوم جي گوڙ کان بچڻ ممڪن ناهي هوندو.

پر سائنسدانن هڪ اهڙو حيران ڪندڙ سمارٽ اسپيڪر تيار ڪيو آهي جيڪو اهان جي چوڌاري موجود ماڻهن کي ”ميوٽ“ يعني خاموش ڪري ڇڏي ٿو.

جي ها واقعي آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي جي سائنسدانن هڪ اهڙي سمارٽ اسپيڪر کي تيار ڪيو آهي جيڪو self-deploying مائڪرو فونز کي استعمال ڪري هڪ ڪمري کي مختلف اسپيچ زونز ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.
اهو اسپيڪر ڳالهائيندڙن جي پوزيشن کي ٽريڪ ڪري ٿو ۽ ڊيپ لرننگ الگورٿمز جو استعمال ڪري ڪمري جي مخصوص حصن کي واهپيدارن لاءِ ميوٽ ڪري ڇڏي ٿو.
يعني اوهان جي ڀرسان موجود ماڻهو ڳالهائي رهيا هوندا پر اوهان کي ٻڌڻ ۾ نه ايندا.
اهو سمارٽ اسپيڪر ننڍن ننڍن روبوٽ مائڪرو مائڪرو فونز تي ٻڌل آهي جيڪي پاڻمرادي طور تي هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندا آهن.
ان سان سسٽم کي ماحول بابت ڄاڻڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اهو ان موجب ڪم ڪندو آهي.
ان اسپيڪر جي حوالي سان هڪ تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل آهن.
محققن ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان اکيون بند ڪريون ۽ ڪمري ۾ 10 ماڻهو ڳالهائين ته اسان کي خبر نه پوندي ته ڪير ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڳالهائيندڙ ڪمري ۾ ڪٿي ويٺو آهي، اهو انساني دماغ لاءِ پراسيس ڪرڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته پهريون ڀيرو اسان اهڙو سمارٽ اسپيڪر تيار ڪيو آهي جيڪو هڪ ڪمري ۾ ڳالهائيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي پوزيشنز کي ٽريڪ ڪري انهن جي ڳالهه ٻولهه کي ڌار ڌار ڪري ڇڏي ٿو.
محققن ان اسپيڪر کيروبوٽڪ acoustic swarm جو نالو ڏنو آهي.
في الحال اهو پروٽوٽائيپ ڊوائيس آهي يعني عام ماڻهن تائين ان جي پهچ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳي سگھي ٿو.
هڪ اسپيڪر ۾ 7 روبوٽ مائڪرو فونز هوندا آهن ۽ هر روبوٽ هاءِ فريڪوئنسي سائونڊ خارج ڪندو آهي ته جيئن رنڊڪن کان بچي سگھي ۽ مخصوص جاءِ تان هيٺ نه ڪري.
ان ڊوائيس کي هيل تائين آفيسن، ڪمرن ۽ ڪچن وغيرهه ۾ آزمايو ويو آهي ۽ هر جاءِ تي اهو آوازن کي روڪڻ ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪامياب رهيو.

اس ڈیوائس کو اب تک دفاتر، کمروں اور کچن وغیرہ میں آزمایا گیا ہے اور ہر جگہ یہ آوازوں کو روکنے میں 90 فیصد سے زیادہ کامیاب رہی۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.