ميڪسيڪو ۾ چرچ جي ڇت ڪِري پئي، 10 ڄڻا فوت

ميڪسيڪو (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ چرچ جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو هادثو ميڪسيڪو جي سامونڊي پٽي واري شهر سيوڊيڊ ميڊارو ۾ پيش آيو جتي سانٽا ڪروز چرچ جي ڇت هيٺ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چر ۾ موجود 39 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رپورٽس موجب اسپتال ۾ هيل تائين 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته حادثي جي وقت چرچ ۾ 100 ماڻهو موجود هئا ۽ حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا جن کي ملبي مان ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي ۽ ملبي هيٺ دٻيل سڀني کي ڳوليو ويو آهي.
مقامي ميڊيا موجب چرچ ۾ حادثي جي وقت هڪ تقريب جاري هئي، حادثي کان پوءِ زمين کي ملبي هيٺان ڪڍڻ لاءِ مقامي ماڻهن به مدد ڪئي جڏهن ته ايمرجنسي سروسز جي اهلڪارن ٿڏي تي پهچي فوري ريسڪيوجو عمل شروع ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.